جهمٽ (تال)

جهمٽ (تال): هي دهل وڄائڻ جو تال آهي، جيڪو وهول کان پوءِ وڄائيندا آهن. هي تال ناچ تال آهي، جيڪو درت لئي ۾ وڄندو آهي. اڳي دهلاري، دس ۾ جهمٽ تال کان پوءِ بندرا بني تال وڄائيندا هئا، پر هاڻي ڌمال وڄائين ٿا. هي ڇهن ماترائن جو تال آهي. ان جا ٻول آهن: ڌن ته گدڪ- تن ته گدڪ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو